دائري واري درسگاهه

دائري واري درسگاهه: يارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري ڳوٺ صدر جهيجي (لڳ اُڏيري لال) ۾ قرآن شريف جي حفظ ۽ قراءت جي تعليم لاءِ هڪ مڪتب جو بنياد پيو، جيڪو پوءِ وڌي هڪ عاليشان درسگاهه بنجي ويو، جنهن جي مشهور علمي حلقي/ دائري سببان هي ڳوٺ پوءِ ’دائرو شريف‘ سڏبو ويو. وڏا قابل قاري ۽ حافظ هن درسگاهه جا اوائلي اُستاد هئا. هنن عالمن جي علمي ڪارنامن جا تفصيل تاريخ ۾ محفوظ نه رهيا آهن، البت درسگاهه جي مسجد ڀرسان انهن حافظن جون قبرون موجود آهن، جيڪي غالباً هن درسگاهه جا اوائلي اُستاد هئا. اُن جي هڪ صُفي اندر وچئين دور (1255- 1108هه) جي 11 اُستادن جون مزارون آهن. ان اندر الهندي کان اڀرندي ستن عالمن جي قبرن تي سندن نالا ۽ وفات جا سال ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل آهن. انهن جا نالا: (1) عمده الحفاظ قاري القرآن فاضل حافظ ميان محمد دوس ٿيٻو ’نوري‘، (2) عمدة الحفاظ حـافظ ابراهـيـم، (3) سيد ابـو المعـالـي، (4) سيد شاهه محمد ’صاحب دائره‘، (5) سيد محمد معصوم ’صاحبِ دائره‘ (اصل نالو سيد مسعود)، (6) سيد يار محمد ’صاحب دائره‘ ۽ (7) سيد معصوم شاهه آهن. ان کان سواءِ ساڳئي صفي ۾ چار ٻيون مزارون آهن، پر انهن تي ڪتبا لکيل نه آهن.
هن درسگاهه جو بنياد غالباً محمد هاشم شاهه بن عيسيٰ شاهه ڪلان جي اولاد مان، سيد مسعود (ثاني) بن سيد محمد (ثاني) وڌو. ان جو بنياد يارهين صدي هجريءَ جي آخر ڌاري وڌو ويو.
هن درسگاهه جو بنياد، هڪ مڪتب يعني ابتدائي تعليمي اداري جي صورت ۾ پيو ۽ قرآن شريف جو درس، حفظ ۽ قراءت ان جي نصاب جا مرڪزي پهلو رهيا. يارهين صديءَ جي آخر تائين درسگاهه جي مرڪزي حيثيت ’مڪتب‘ واري رهي، پر انهن 100 سالن ۾ هن مڪتب، ابتدائي تعليم جي مٿي ڄاڻايل مکيه مقصدن کي اعليٰ معيار تي پهچايو، ان حد تائين جو روايت آهي ته حجاز ۽ عراق جي ڪن قارين پڻ تبرڪ طور هتان جي قاري حافظن کان اچي درس ورتو.
اٽڪل 100 سالن جي ڪامياب تعليمي ڪشالي کان پوءِ هن درسگاهه ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو دور شروع ٿيو. ’حلقي‘ يا ’دائري‘ جي نظام جو واسطو ’ثانوي ۽ اعليٰ تعليم‘ سان آهي ۽ سيد محمد مسعود عرف سيد محمد معصوم، پهريون عالم ۽ استاد هو، جنهن کي ’صاحب دائره‘ (’حلقي‘ يا ’دائري‘ جو سرواڻ) سڏيو ويو. هن 1182هه/ 1768ع ۾ وفات ڪئي.
هن درسگاهه ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جي معيار کي به اوج تي پهچايو ويو. ان جي ثانوي درس جو حلقو يا ’دائرو‘ به ايترو ته مشهور ٿي ويو، جو عرف عام ۾ هيءَ درسگاهه ’دائري واري درسگاهه‘ ۽ هتي جا استاد ’دائري وارا اُستاد‘ سڏجڻ لڳا. سيد محمد مسعود عرف معصوم کان پوءِ سيد شاهه محمد (وفات 1204هه/1789ع)، سيد يار محمد (وفات 1220هه/1805ع) ۽ سيد علي محمد شاهه ’مصلح المفتاح‘ (دائري وارن جي سنڌي) ڪتاب جو مصنف هن ’درسگاهه دائري‘ جا اُستاد رهيا.
جيتوڻيڪ ’درسگاهه دائره‘ جي تعليم ۽ تدريس جو سلسلو پنجاهه پنجونجاهه سال اڳ ختم ٿي چڪو آهي، مگر هن تاريخي درسگاهه جا آثار اڃا تائين سلامت آهن. اصل مڪتب جي شروعات غالباً مسجد ۾ ٿي، جنهن کي خدمت آهر وڌايو ويو، پر جڏهن هن درسگاهه ۾ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جو اضافو ڪيو ويو ته ٻاهران آيل شاگردن جي قيام لاءِ مسجد کان ٻاهر ڏکڻ طرف نئين حاطي ۽ عمارتن جو انتظام ڪيو ويو.
(حوالو: ’مصلح المفتاح‘، ’سيد دائري وارن جي سنڌي‘: تصنيف سيد حاجي علي محمد شاهه دائري وارو، مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو